ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه پوليس جي جاري ڪيل حڪمن ۾ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جي ٽن ڏينهن جي عرس واري تقريبن جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن هن چيو ته لعل شهباز قلندر جي مزار ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت نگراني بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان سوئپنگ ۽ ڪليرنس سميت انٽيليجنس ڪليشن ۽ شيئرنگ ۽ بروقت فالو ڪرڻ واري عمل کي بهتر بڻايو وڃي هن چيو ته جوڙيل غير معمولي سيڪيورٽي پلان جي جملي ترجيحن ۽ ان جي تحت مزار جي داخلي روڊ تي عرس ۾ شامل ٿيندڙن جي فزيڪل سرچنگ واري عمل کي انتظاميه پاران مقرر ٿيل رضاڪارن جي سهڪار سان ممڪن بڻايو وڃي جڏهن ته ان عمل دوران ليڊي پوليس اهلڪارن جون خدمتون ورتيون وڃن سنڌ جي آءِ جي چيو ته سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ٻين صوبن مان عرس ۾ عقيدتمندن جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي مزار جي اندرين ۽ ڀرپاسي وارن حصن ۾ انتظاميه جي مشاورت سان جملي سيڪيورٽي معاملا غير معمولي بڻايا وڃن. هن چيو ته سمورن هاءِ ويز بارڊر ايرياز جڏهن ته ٻين صوبن مان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ميداني رستن سان گڏوگڏ اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي ناڪابندي نگراني سرچنگ ۽ پيٽرولنگ جهڙن قدمن کي به لاڳاپيل ٿاڻن جي لحاظ کان بهتر بڻايو وڃي آءِ جي سنڌ ڏنل هدايتن ۾ چيو ته لاڳاپيل سمورا ايس ايس پيز عرس جي تقريبن جي شروع ٿيڻ کان وٺي آخر تائين سمورن ايس ايڇ اوز کي علائقن ۾ موجود رهڻ ۽ گهڙي گهڙي انٽري نوٽ ڪرائڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جي جملي قدمن جي نگراني جو به پابند بڻايو ويندو.