ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته نواز شريف هميشه پارليامينٽ ۽ سياسي قوتن کي ڪمزور ڪيو آهي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري بابت بيان تي رد عمل ڏيندي سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ان حوالي سان وضاحت جاري ڪري چڪي آهي ته اڳوڻي صدر نه ڪو بيان جاري ڪيو ۽ نه ئي صحافين سان ملاقات ڪئي. سينيٽر سعيد غني جو چوڻ هو ته هر چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي خلاف جيڪا ڌانڌلي ٿي ان جو فائدو نواز شريف ئي کنيو آهي. هن چيو ته ڪجهه مهينن کان نواز شريف تي ڏکيو وقت آيل آهي ته سندس رويي ۾ تبديلي آئي آهي، نه ته نواز شريف هميشه پارليامينٽ ۽ سياسي قوتن کي ڪمزور ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڪڏهن به ڪا اهڙي تحريڪ ناهي هلائي جنهن سان پارليامينٽ ۽ سياسي قوتون مضبوط ٿين، ان ڪري نواز شريف جي واتان اهڙيون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن جهڙيون هو اڄ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف پيپلز پارٽي جي خلاف سازشن ۾ ملوث هو پر جڏهن مشرف جي دور ۾ هن تي ڏکيو وقت آيو ته بينظير ڀٽو کيس اي آر ڊي ۾ شامل ڪري سهارو ڏنو. سعيد غني چيو ته اي آر ڊي ۾ اچڻ کان پوءِ نواز شريف اي پي ڊي ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اي آر ڊي کي ڇڏي هليو ويو. هن چيو ته بينظير جي شهادت کان پهرين نواز شريف چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويٺو هو پر بينظير کيس چونڊون وڙهڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ پوءِ بي بي بي جي شهادت کان پوءِ هن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ته آصف علي زرداري کيس اليڪشن وڙهڻ لاءِ راضي ڪيو.1130