ڪراچي(م ڊ) سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته خانگائڻ کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ قانون کان مٿانهين ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ روڊن ۽ فٽ پاٿن تي ڪي اليڪٽرڪ جي وکريل تارن وارو معاملو غور هيٺ آيو. ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ڊسٽريبيوشن آفيسر ڪميشن جي آڏو پيش ٿي ٻڌايو ته شاهراهه فيصل ۽ ٻين ماڳن تان ڪيبلون هٽايون ويون آهن، جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خانگائڻ کان پوءِ قانون کان مٿانهين ٿي وئي آهي، جڏهن کان اهو ادارو پرائيوٽائز ٿيو آهي لڳي ٿو ملڪ ۾ ڪو قانون ئي ناهي بچيو، ٿنڀن جي حالت ڏٺي آهي؟ تارن جي ڀرمار آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ڊسٽريبيوشن آفيسر چيو ته وڌيڪ تارون ٽي وي جي ڪيلبن جون آهن، 5 هزار ٽرانسفارمرن کي انسوليٽڊ ڪينلن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڳچ آبادي وارن علائقي ۾ مسئلا وڌيڪ آهن، وڌيڪ 3 کان 4 سالن ۾ اهو مسئلو حل ٿي ويندو، ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا نالن تي موجود ڪيبلون هٽايون ويون آهن؟ چيف ڊسٽريبيوشن آفيسر چيو ته ڪجهه ڏکيائيون آهن پر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو. ٻڌڻي دوران واٽر ڪميشن سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي صفائي ۽ گند کڻڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي. ڪميشن نالن تي قائم حددخليون به فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪميشن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ 4 وڏن نالن جي صفائي فوري مڪمل ڪيو، جتي حددخليون ناهن اتي ڪي اليڪٽرڪ فوري طور ڪيبلون هٽائي، ميونسپل ڪارپوريشن جي ورڪشاپ تان فوري قبضو ختم ڪرايو وڃي.