جيڪب آباد(رپورٽ: يوسف رند)مسلم ليگ ن جي صوبائي سينئر نائب صدر محمد اسلم ابڙو، پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻ سردار سخي عبدالرزاق کوسو ۽ ف ليگ جي اصغر خان پنهور ابڙو هائوس تي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪب آباد جي هاءِ وي کاتي پاران 19 اپريل 2018ع تي مختلف ترقياتي اسڪيمن جي نانءُ تي 18 ڪروڙ 40 لک روپيا ڪڍرايا ويا آهن جيڪا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي جي کليل خلاف ورزي آهي هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فيصلو ٻڌائي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ ڪٿي به اليڪشن تائين ترقياتي اسڪيمن جي مد ۾ رقم نه ٿي ڪڍرائي سگهجي پر سنڌ حڪومت پنهنجي نمائندن کي اليڪشن ورڪ لاءِ ترقياتي ڪمن جي اسڪيمن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا جاري ڪري رهي آهي هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته اها رقم مختلف علائقن ۾ ووٽرن کي خوش ڪرڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي جيڪا اليڪشن کان اڳ واري ڌانڌلي آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي فوري نوٽس وٺڻ گهرجي، ن ليگ اڳواڻ اسلم ابڙو ڳالهائيندي چيو ته اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي اليڪشن کان اڳ واري اهڙي ڌانڌلي خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان،سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ چيئرمين نيب کي درخواست ڪنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار عبدالرزاق کوسو ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ آبادگارن لاءِ آيل بارداڻو صرف هڪڙي ئي برادري کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته ننڍن آبادگارن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن خلاف آبادگارن سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد احتجاج ڪيو ويندو، ف ليگ اڳواڻ اصغر خان پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن، نيب ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته هو جيڪب آباد جي چونڊيل نمائندن جا 15 سال اڳ وارا ۽ هاڻوڪا اثاثا معلوم ڪن ته انهن ۾ ڪيترو فرق آهي هتان جي چونڊيل نمائندن 15 سال اڳ جيڪي اثاثا اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ڪيا هئا ۽ هاڻي انهن جا اثاثا ڪيترا آهن هن چيو ته نيب کي اپيل آهي ته سنڌ ۾ به ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪيون وڃن ۽ عوام جو پئسو هڙپ ڪندڙ کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ن ليگ جي ضلعي صدر محمد اڪڙم ابڙو ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي پر اسان جي حڪمران ۽ ڊي سي جيڪب آباد کي ڪا پراوهه ئي نه آهي هڪ سوال جي جواب ۾ اڪڙم چيو ته جيڪب آباد ۾ ايترا مسئلا ٿي ويا آهن جن تي سڄو سڄو ڏينهن احتجاج ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن شهري اتحاد جي پليٽ فارم تان احتجاج ڪجي ته اسان جو سمورو وقت احتجاجن ۾ گذري ويندو اسان وٽ ايترو وقت نه آهي جو پنهنجو سمورو وقت مسئلن جي حل پٺيان لڳائي ڇڏيون.ن ليگ اڳواڻ اسلم ابڙو تازو ئي مختلف اخبارن ۾ جاري ٿيل ٽينڊرن بابت پڇيل سوال تي چيو ته اها سنڌ حڪومت جي بدماشي آهي جيڪو انتهائي غلط عمل آهي. هوڏانهن روڊ کاتي جي اختيارين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 19 اپريل 2018ع تي جاري ٿيل 18 ڪروڙ 40 لک روپيا اڳواٽ هلندڙ اسڪيمن تي جاري ٿيا آهن انهن اسڪيمن تي اليڪشن ڪميشن پاران لڳايل پابندي لاڳو نه پئي ٿئي.