هزاره برادري کي نشانو بڻائيندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏينداسين: آرمي چيف

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا هزارا برادري جي معززن کي يقين ڏياريو ته هزارا برادري کي نشانو بڻائيندڙن جو انجام عبرتناڪ هوندو.آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ ڪوئيٽا پهتو، جتي ان سان هزارا برادري جي معززن ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته قومي ڪوششن سان دهشتگردي جي لهر تي ضابطو آڻي دشمن جا تمام گهڻا نيٽ ورڪ تباهه ڪري ڇڏيا آهن، پر دشمن اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دشمنن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ هر شهري کي مذهب، فرقي، زبان ۽ نسل کان بالاتر ٿي ثابت قدم رهڻو پوندو.پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات کانپوءِ هزارا برادري جا معزز ڌرڻو ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزيرن ڪوئيٽا پريس ڪلب وڃي سماجي اڳواڻ جليلا حيدر جي بک هڙتال پڻ ختم ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *