ساهيوال (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري ن ليگ کي ووٽ نه ڏنو ويو ته سمجهو انهن قوتن کي ووٽ ڏنو ويو، جيڪي نظر ناهن اينديون، لاڏلا صاحب! توهان جي دال نه ڳري رهي آهي. ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پشاور ۾ وڃي ڏسو ته ڪهڙو نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي، پشاور تباهه آهي ۽ باقي صوبي جو حال به خراب آهي، انهن کان پڇو ته ڪي پي ۾ ڪهڙي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي، ن ليگ حڪومت سڄي پاڪستان مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، دهشتگردي جو خاتمو آندو، ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، ساهيوال ۾ يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل ڪاليج ٺهي ويو، هتان موٽر وي ڪراچي ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان کي سي پيڪ ڏنو سين، جنهن سان ملڪ ترقي جي بلندين تي هليو ويو پر ترقي ماڻيندڙ پاڪستان کي وري پوئتي ڌڪي رهيا آهن، مان پڇي رهيو آهيان ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ مان اڳ به ٻه ڀيرا وزيراعظم رهيس، ڇا مان ڪرپشن ڪئي؟ ڇا ان لاءِ ڪڍيو ويو ته مان پٽ کان پگهار نه ورتي؟ جيڪو عوام جي خدمت ڪري، سي پيڪ جهڙا منصوبا آڻي، ملڪ کي ايٽي طاقت بڻائي، ان سان اهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي؟ هن چيو ته قوم جي عزت تي ڪير سوديبازي ناهي ڪندو، اسان کي دولت نه گهرجي، خود مختياري ۽ عزت وڌيڪ عزيز آهي، ووٽ کي عزت ڏيو جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ گذريل 70 ورهين کان جيڪو ٿيندو رهيو آهي، ايندڙ 70 سالن تائين نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته 70 ڀيرا نيب جي عدالت ۾ پيش ٿي چڪا آهيون، پاڪستان جا وڪيل چئي چڪا آهن ته نواز شريف خلاف فيصلو ڪمزور آهي، عمران خان به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته نواز شريف خلاف ڪمزور فيصلو آهي. نواز شريف چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ چونڊن ۾ لائين لڳائي تير کي ووٽ ڏنو، عمران خان به وڪامجي ويو، ان سودو ڪري ڇڏيو، شرم ڪيو، ماڻهن کي ڇو بي وقوف سمجهي رهيا آهيو. هن چيو ته زرداري عمران ۽ عمران زرداري سامهون نه ايندو، اسان جو جهيڙو آصف زرداري يا عمران خان سان نه پر انهن قوتن سان آهي، جيڪي نظر ناهن اينديون.27