اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته نيب جو سج رڳو پنجاب ۾ نه پر سڄي پاڪستان ۾ پيو چمڪي. نيب پڌرائي موجب نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بدعنوان عنصرن جي خلاف قانون جي موجب بنا فرق جي ڪارروائي، اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سمورن بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ نيب چيئرمين چيو ته نيب ڪنهن سان امتيازي سلوڪ تي يقين نٿي رکي، نيب جو سج رڳو پنجاب ۾ نه پر سڄي پاڪستان ۾ چمڪي رهيو آهي. نيب پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب 11 آڪٽوبر 2017ع کان هن وقت تائين 226 ماڻهن کي گرفتار ڪيو جڏهن ته 872 شڪايتون جي ڇنڊ ڇاڻ، 403 انڪوائريون ۽ 82 انويسٽي گيشنن جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب 217 بدعنواني جا ريفرنس لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ داخل ڪيا ويا ۽ 39 ڄڻن کي احتساب عدالت ۾ قانون جي موجب سزا ڏني وئي آهي.