پاڪستان پيپلز پارٽي مزدورن جي لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا: مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيغام ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن جي لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پهرين مئي سڄي دنيا ۾ مزدورن سان ٻڌي جي طور تي ملهائي ويندي آهي، ان ڏينهن شڪاگو ۾ محنت ڪشن سڄي دنيا جي مزدورن جي بنيادي جھقم جي اهميت ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ جي لاءِ پنهنجو سر قربان ڪري مزدور طبقي جي حقن جي جدوجهد جي تاريخ مرتب ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن جي لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ٽريڊ يونينز ختم ٿيڻ ڪري مزدورن جا مسئلا حل نه پيا ٿين. وزيراعليٰ هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رٿا بندي واري وزير سعيد غني چيو ته خانگي بئنڪن ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ٽريڊ يونينز کي ختم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مزدورن جي رڳو پيپلزپارٽي مان اميد آهي، يونينز بحال ڪري پورهيتن کي سمورا حق ڏنا وڃن. سعيد غني چيو ته هو بنا ڪنهن دٻاءُ جي ڪم ڪري رهيو آهي، پارٽي قيادت جي هن جي وزارت ۾ ڪا مداخلت ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *