ٽوٽا چٻرائڻ جي بيان بعد آصف زرداري معافي جون درخواستون موڪليندو رهيو: خواجه آصف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آصف زرداريءَ کي پڇتاءَ آهي ته خبر ناهي ڪهڙي موڊ ۾ هن ٽوٽا چٻرائڻ جو بيان ڏنو، بيان ڏئي ٻاهر هليو ويو ۽ پوءِ معافي جون درخواستون موڪليندو رهيو. انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته آصف زرداري کي مسلم ليگ ن چيو هو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ڪارروائي ڪرڻي آهي جڏهن ته هو پاڻ پرويز مشرف جي قدمن کي تحفظ ڏيڻ چاهيندو هو. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ٻڌايو ته آمريڪا، گڏيل عرب امارات ۽ برطانيا ضمانتي آهن ته پرويز مشرف خلاف ڪارروائي نه ٿيندي. خواجه آصف چيو ته آصف زرداري تي نواز شريف جا ٿورا آهن، سندس پيپلز پارٽي تي قبضي ڪرڻ جي مدد ڪئي جنهن جو شاهد بلاول ڀٽو زرداري آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا ساٿي ۽ ڀٽو جا وفادار زرداري سان گڏ نه آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *