نواز شريف هر مرحلي تي اسان کي وڪرو ڪيو، هاڻي سندس ساٿ نه ڏينداسين: آصف زرداري

لاهور ( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف جيترو ويچارو لڳي ٿو اوترو ئي موقعي پرست آهي. سينئر صحافين ۽ اڳواڻن سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته اسان سويلين بالادستي لاءِ نواز شريف سان ها ۾ ها ملائيندا رهياسين، اسان سياست ۽ نواز شريف واپار ڪندو رهيو، نواز شريف اسان کي هر موقعي تي وڪرو ڪيو آهي. هن چيو ته مان سياست کان هٽي نواز شريف سان سماجي تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن منهنجي نيڪ نيتي جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف هر موقعي تي اسان کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي پاڻ ساڻن دوستي ڪئي، پرويز مشرف جي مواخذي کان وٺي ٽوٽا چٻرائڻ جي بيان تائين نواز شريف ٺڳي ڪئي. آصف علي زرداري چيو ته مان نواز شريف جي مواخذي جو اعلان ڪيو ته نواز شريف پوئتي هٽي ويو، هن ساٿ ڏيڻ لاءِ شرط رکيا. اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف پرويز مشرف تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ته سندس ساٿ ڏنو، نواز شريف پنهنجي ويجهي آفيسر ذريعي خاطري ڪرائي ته پرويز مشرف کي وڃڻ نه ڏينداسين. آصف علي زرداري چيو ته مان نواز شريف جي خاطري جي پڪ ڪئي ۽ ٻلي کي نه وڃڻ ڏيڻ جو بيان ڏنو پر نواز شريف پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪليو. هن چيو ته پوءِ خبر پئي ته نواز شريف جڏهن نواز شريف مون کي پڪ ڏياري رهيو هو ان کان اڳ هو پرويز مشرف معاملي تي ڊيل ڪري چڪو هو. هن چيو ته نواز شريف منهنجي ٽوٽا چٻرائڻ واري بيان جو فائدو کڻندي راحيل شريف سان معاملا سڌا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ ۾ نيب ۽ ٻين ادارن ذريعي ڪارروايون به نواز شريف جي چوڻ تي ڪيون ويون، هو پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڻي، هاڻي مان ڪنهن به صورت ۾ سندس ساٿ نه ڏيندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *