لاهور (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاءِ رکيل 20 ارب رپين جو تفيل گهري ورتو جڏهن ته ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن ۽ عملي جو تفصيل به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي پي ڪي ايل آءِ جي سربراهه ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو گذريل ڏينهن ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پاڪستان ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ بابت پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس عدالتي حڪمن جي باوجود پاڪستان ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ ۾ ڳرين پگهارن جو تفصيل پيش نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 35 لک رپين تي هڪ ڊاڪٽر کي رکيو ويو آهي ۽ اڃا تائين هڪ به آپريشن نه ڪيو ويو آهي چيف جسٽس نشاندهي ڪئي ته ٻڌو آهي ته ڊاڪٽر سعيد جي زال به اتي مقرر ڪئي ويئي آهي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته پي ڪي ايل آءِ جي بجيٽ ۽ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن ۽ عملي جو تفصيل پيش ڪيو وڃي چيف جسٽس پي ڪي ايل آءِ اي ۾ ملازمن جي سرورس اسٽريڪچر جو تفصيل گهري ورتو ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن پي ڪي ايل آءِ جو سربراهه موجود نه آهي ته ان کان پوءِ جا انچارج سموري رڪارڊ سميت پيش ٿين.