نقيب الله محسود جي وارثن کي انصاف ملڻ گهرجي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته نواز شريف ۽ احسن اقبال ڪالهه تائين عدليا جي ڳالهه مڃيندا هئا، انهن کي اچانڪ ڇا ٿي ويو؟ اسان مظلوم ۽ مقتول سان گڏ آهيون، نقيب الله محسود جي وارثن کي انصاف ملڻ گهرجي.نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مولا بخش چانڊيو  چيو آهي ته  پيپلز پارٽي  مظلومن سان گڏ آهي، قاتل جو ساٿ نٿي ڏئي سگهي، اسان مقتول سان گڏ آهيون، نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ مقتول کي انصاف ملڻ گهرجي.هن چيو ته نواز شريف ۽ احسن اقبال ڪالهه تائين عدليا جي ڳالهه مڃيندا هئا، هاڻي اڳواڻن کي اچانڪ ڇا ٿي ويو آهي ته عدليا تي به تنقيد شروع ڪري ڇڏي اٿئون.ن ليگ وارا عدليا تي تنقيد ڪري پاڻ کي ايماندار ۽ ديانتدار ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي پنهنجي سازش ۾ پاڻ ڦاٿا آهن.ادارن جي احترام ڪرڻ سمورين سياسي پارٽين تي فرض آهي، عوام سان دوکيبازي برداشت نه ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *