گاڊ فادر جو هڪ ٻيو درٻاري اڄ نااهل ٿي ويو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته گاڊ فادر جو هڪ ٻيو درباري اڄ ساڳي انداز ۾ نااهل ٿي ويو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاءِ اقامي جو سهارو وٺندڙ هڪ ٻيو درٻار نااهل ٿي ويو. عمران خان چيو ته الله حق آهي، خواجا آصف شوڪت خانم اسپتال کي نشانو بڻايرو ۽ اڄ هو نه رڳو ڏيهه پر پرڏيهه ۾ به بدنام ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *