واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونڊ ٽرمپ ۽ فراسيسي صدر ايمانيول ميڪرون ايران سان نئين جوهري معاهدي ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب واشنگٽن جي دوري تي آيل فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران 2015 ۾ ٿيندڙ ايران سان جوهري معاهدي جي خاتمي ۽ نئين معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ڪجهه تمام وڏو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ۽ شايد اهو ايران سان معاهدو به ٿي سگهي ٿو ڪو به نئون معاهدو مضبوط بنيادن تي ٿيندو. آمريڪي صدر عالمي طاقتن ۽ ايران جي وچ ۾ 2015 ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي کي چريائپ قرار ڏيندي چيو ته هن معاهدي ۾ يمن، شام ۽ مشرق وسطي جا ٻيا حصا شامل ڪرڻ گهرجن ها.فرانسيسي صدر چيو ته معاهد ۾ ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ هن جي مشرقي وسطي جي ڪرادار کي پڻ غور هيٺ آڻڻ گهرجي ۽ ايران جي خطي ۾ وڌندڙ اثررسوخ تي پڻ ڳالهين جو حصو بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان نئين معاهدي ڊگهي مدت لاءِ جوهري سرگرمين کي شامل ڪرڻ جي ضرروت آهي، پر کيس اهو علم ناهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي جوهوري معاهدي جي ڊيڊلائن ۾ واڌ ڪندو يا نه . ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي جي واڌ 12مئي تي ڪرڻي آهي پر هو هن چيو آهي ته هن معاهدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.ٻئي پاسي ايران ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آمريڪا معاهدو رد ڪيو ته کين ان جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا معاهدي تان ڦري ويو ته هو يورينيم افزودگي جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿو.