اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پهرين قومي واٽر پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن توڙي چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڌرائي موجب پهرين قومي واٽر پاليسي جي منظوري کانپوءِ واٽر ڪائونسل به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم هوندو. ڪائونسل ۾ ناڻي، توانائي، رٿابندي ۽ آبي وسيلن وارا وفاقي وزير شامل هوندو. پڌرائي موجب واٽر پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ آبي وسيلن واري وزير جي سربراهي ۾ اسٽيرنگ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي.27