نواز شريف کي سندس اندر کي کوٽ سنگسار ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف سندس اندر کي کوٽ سنگسار ڪري رهي آهي، ميثاق جمهوريت تي سندس دل ۾ کوٽ هئي.  تفصيل موجب فيصل آباد، سرگوڌا جي عهديدارن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان منهن ٻه آهن پر سوچ هڪ ئي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي دل ۾ کوٽ نه هجي ها ته ميثاق جمهوريت تي سان جو ڏئي ها.  پارٽي ڇڏي ويڻ وارن جي باري ۾ کليل لفظن ۾ اعلان ڪيو ته پارٽي جا دروازا هن لاءِ هميشه لاءِ بند ٿي ويا. چيئرمين پيپلز پارٽي خطاب ۾ ڪارڪنن کي چيو ته پارٽي ڪارڪن ئي منهنجي طاقت آهن، جيڪي شهيد ڀٽو جي فلسفي تي يقين رکن ٿا اهي مون سان گڏ آهن. بلاول ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي جانثارن کي قوت قرار ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن، محنت ڪشن، هارين ۽ شاگردن جي پارٽي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا اقتدار ۾ اچي نوجوانن کي روزگار ڏيندي آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي کي مضبوط بڻائڻو آهي، جنهن کي پارٽي ڇڏي وڃڻو آهي اهو وڃي، اسان جي طاقت ڪارڪن آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *