خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين لاءِ جرڳو جوڙي ڇڏيو

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين لاءِ جرڳو جوڙي ڇڏيو. تفصيل موجب پشاور ۾ خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽ  جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر اقبال جهڳڙا، وڏي وزير پرويز خٽڪ، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جي تحريڪ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال، فاٽا ۾ آپريشن کان پوءِ بحالي واري بندوبست ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال سميت ٻين سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين جي لاءِ جرڳو جوڙيو ويو جنهن ۾ مالاڪنڊ ۽ قبائلي علائقن جي صلاحڪارن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو جرڳو هن ئي هفتي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهيون ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *