سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شريف خاندان کان اضافي سيڪيورٽي واپس

اسلام آباد ( بيورو ) پنجاب پوليس شريف خاندان کان اضافي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪي پي جي آءِ جي کي اضافي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد چئني صوبن جي آءِ جيز کي هدايت ڪئي وئي ته غير ضروري سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي. پنجاب ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي ۽ شريف خاندان جي اضافي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. جاتي امرا ۾ مقرر ايليٽ فورس جي 52 ۽ پنجاب ڪانسٽيبلري جي 50 ملازمن کي واپس طلب ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن صفدر ۽ عباس شريف جي خاندان کان به اضافي سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *