وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اين آءِ سي ايڇ وي ڊي ڪراچي جو دورو

ڪراچي(م ڈ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به سيٽيلائيٽ سينٽرر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻين صوبن مان به 40 سيڪڙو ماڻهو علاج لاءِ ڪراچي اچن ٿا، عوام کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي .هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙا سينٽر قائم ڪيا ويندا ته ڪراچي ڏانهن ايندڙ مريضن جي رش ۾ گهٽتائي اچي ويندي.سيد مراد علي شاهه  اين آءِ سي ايڇ  جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپتال جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو سيد مراد علي شاهه چيو ته اسپتال جي دوري جو مقصد عوام  کي ملندڙ سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي.هن چيو ته اسپتال ۾ جنهن به شيءِ جي ضرورت هوندي اها هر حالت ۾ پوري ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *