ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي ذميوار قرار، نيپرا جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته شهر ۾ بدترين لوڊشيڊنگ تي ڪپني کان جواب طلب به ڪري ورتو آهي. ڪراچي ۾ گرمي شروع ٿيندي ئي لوڊشيڊنگ ۾ غير معمولي واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. لياقت آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير، صفورا ڳوٺ، نارٿ ڪراچي ۽ ايف بي ايريا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي بند آهي. جڏهن ته بجلي جي بندش جي ڪري جتي شهرين جي معمول واري زندگي متاثر آهي اتي احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻيون به متاثر ٿيون آهن ۽ عدالتي عملو موبائيل  ٽارچ ٻاري ڪم ڪرڻ تي مجبور آهي. شهر ۾ بدترين لوڊشيڊنگ تي احتجاج کان پوءِ نيپرا ان معاملي جو نوٽيس ورتو هو. نيپرا جي ٽيڪنيڪل ٽيم 11 کان 13 اپريل تائين ڪراچي جو دورو ڪيو جتي ٽيم ڪي اليڪٽرڪ جي پاور پلانٽن ۽ گرڊ اسٽيشنن جو دورو ڪيو ۽ شهرين سان به ملاقات ڪئي.  گذريل ڏينهن نيپرا ٽيم پنهنجي رپورٽ کي جمع ڪرايو هو جنهن ۾ ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سبب ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي گهر تيل نه هلائڻ کي قرار ڏنو ويو هو. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ڪابينا سيڪريٽريٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيپرا اختيارين ڪميٽي کي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏني. نيپرا اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي آر ايل اين جي وٺڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ 26 سيڪڙو پاڪستان جي حڪومت جا شيئر به آهن. نيپرا اختيارين جو بريفنگ ۾ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم ۾ بجلي جي پيداوار 1100 ميگا واٽ آهي، 650 ميگا واٽ بجلي وفاق کان ورتي پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ کي حيقيت ۾ 600 ميگا واٽ جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي، ڪي اليڪٽرڪ جو 180 ميگا واٽ جو پلانٽ 5 مهينن کان بند آهي، سمورا پلانٽ  هلايا وڃن تڏهن 2900 ميگا واٽ بجلي بڻجندي. نيپرا اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته سوئي سدرن گيس سان 220 ايم ايم سي ايف ڊي جو معاهدو ناهي رڳو ڳالهيون ئي ٿيون، سوئي سدرن ڪي اليڪٽرڪ کي 190 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ڏيندي آهي. نيپرا ميمبر سيف الله ڇٽي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي هڪ سال ۾ 60 لکن تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، هاڻ نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي 10 ڪروڙ تائين ڏنڊ هڻي سگهي ٿي جڏهن ته ڀڃڪڙي تي ڪي اليڪٽرڪ جا انتظامي معاملا به سنڀالي سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *