اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ کي هٿي ڏئي رهيو آهي، ڪلڀوشن ياديو ان جو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪرم ايجنسي ۾ افغانستان مان اسان جي فوج تي بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پنج جوان شهيد ٿيا جڏهن ته هڪ سپاهي کي اغوا ڪيو ويو، پاڪستان ان مرحلي تي صبر جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان شام جي صورتحال تي شديد خدشن جو اظهار ڪري ٿو، ڪنهن به هنڌ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال خلاف آهيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪو به مونجهارو ناهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي جا بنياد اسان جا پنهنجا ملڪي مفاد آهن. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪنهن به ملڪ سان غلط فهمين جو سبب اسان جي مفادن کي نه مڃڻ آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستاني سفارتڪارن بابت قدمن کان آگاهه ڪيو آهي، آمريڪا پاڪستاني سفارتڪارن جي چرپر مئي مهيني کان محدود ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، معاملي تي ٻنهي ملڪن ۾ رابطو آهي. سندس چوڻ هو ته سموري دنيا کي خبر آهي ته دهشتگرد ۽ سندن سربراهه ڪير آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي حراست ۾ ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو ثبوت آهي ته ڪير دهشتگردي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪل جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي، کوکلي ۽ بي بنياد آهي جنهن جي کلي عام ترديد ڪري چڪا آهيون بار بار ڪوڙ کي ورجائڻ سان ڪوڙ سچ نه ٿيندو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي هوائي فوج طرفان ويڙهاڪ جهازن جو تعداد ٻيڻو ڪرڻ تي رد عمل ۾ شعر پڙهيو“ سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل مين هي ديکنا هي زور ڪتنا بازوئي قاتل مين هي” هن چيو ته ڀارت جو جنگي جنون هڪ طرف اسان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. سندس چوڻ هو ته ويان ڪنوينشن تحت سفارتڪارن کي ڇوٽ هوندي آهي، ان حوالي اسان اسلام آباد پوليس طرفان سفارتي ڇوٽ تي رابطي جو انتظار آهي.