شهيد ڀٽو جي ڳوٺ ۾ قائم رورل هيلٿ سينٽر کي اسپتال جو درجو ڏيڻ وارو اعلان اڃا تائين فائيلن تائين محدود

نئون ديرو(رپورٽ عبدالله ميراڻي) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڳوٺ نئون ديرو ۾ قائم رورل ھيلٿ سينٽر جنهن کي پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾اعلان ڪري 200 بيڊ ن واري اسپتال جودرجوڏنو ويو پر افسوس جو ان اعلان کي اڃان دفتري فائيلن تائين محدود رکيو ويوآهي، نئون ديرو  جي اسپتال کي بهتري آڻڻ لاءِ هن اسپتال کي نجي ڪمپني آءِ ايچ ايس حوالي ڪيو ويو هن اسپتال کي بهتر ۽ هن اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي بهترين اعلان ڏيڻ لاءِ پرائيوٽ ڪمپنيءَ،(آءِ ايچ ايس) اهڙو ڪو به اسرائتو ڪم ناهي ڪيو جنهن سان هتان جي عوام کي ڪو فائدو رسي سگهي نجي ڪمپني (آءِ ايچ ايس) اسپتال ۾ مريضن کي بهترين اعلاج ڏيڻ ۾ ته ناڪام وئي آهي مگر هن اسپتال جي ديوارين کي رنگ روغن ڪرائڻ ۾ پنهنجو وڏو قردار ادا ڪيو آهي نئون ديرو اسپتال جيڪا نئون ديرو جي رهندڙ هڪ لک کان به وڌيڪ آباديءَ کي مفت علاج ۽ ٻين بيمارين ۾ ٽيسٽون ايڪسري ايمرجنسيءَ ۾ ايندڙ مريضن جي آپريشن ڪرڻ جي سهوليات موجود هجڻ جي ضرورت هوئي پر افسوس جو هتان جي ماڻهون کي اهڙي سهولتن کان صفا محروم رکيو ويو آهي نئون ديرو جي اسپتال ۾ ٿيندڙ بلڊ سي پي ٽيسٽ کي به مينول رکيو ويو آهي جيڪو سسٽم اڃ کا ڪيترا هي سال پراڻو آهي افسوس جو پيپلز پارٽيءَ جو سياسي قلعي وارو شهر نئون ديري جي اسپتال ۾بلڊ سي پي ٽيسٽ لاءِ اينالائيزر مشين ناهي آندي وئي جنهن سان هن دور ۾ ٿيندڙ ڪمپوٽر ٽيسٽيون جي سهولت شهيد جي شهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي ملي سگهي،اهڙي ريت اسپتال ۾ رچايل بائيو ميٽرڪ واري پرچيءَ وارو ڊرامو به اسپتال ۾ ايندڙ مريضن لاءِ هڪ بيماريءَ کان وڌيڪ مرض وانگر بڻجي ويو آهي، جنهن سان اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي سهولت ڏڻ بدران وڌيڪ پريشان ڪيو وڃي ٿو،اسپتال ۾ اعلاج لاءِ ايندڙ مرد ۽ عورتون  بائيو ميٽرڪ پرچي وصول ڪري پوءِ ڊاڪٽرن تائين پهچڻ کان اڳ اڌ موئو ٿي وڃي ٿو پرچي لاءِ ڊڳهيءَ قطارون ۾ بيٺل ڪيترا پير سن مرد ۽ پيرسن عورتون سخت گرمي برداشت نه ڪندي بهوش ٿين ٿا مگر اسپتال ۾ مقرر ڪيل 18 گريڊ جو ايم ايس امداد گهانگهرو پنهنجي آفيس مان ٻاهر نڪرڻ گوارا ناهي ڪندو اهڙي ريت اسپتال ۾ رهندڙ سيزر آپريشن وارين مريضن کي اسپتال انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جي مانيءَ يا چانھ جي سھوليات کا ن محروم رکيو ويو آهي ڪروڙن رپين جي فنڊ ڏيڻ جي دعوا ڪندڙ سنڌ حڪومت کان نئون ديرو جي اسپتال نذر کان نڪري ويل آهي يا هن اسپتال جي انتظاميا اسپتال ۾ داخل مريضن کي اهڙي سهوليت ڏيڻ کان لوائي رهي آهي اهڙي ريت اسپتال ۾ ايندڙ الٽرا سائونڊ ايڪسري لاءِ مرد ۽ عورتون مريض ڪيترا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ اسپتال کان ڪنهن به قسم جي دوا نه ملڻ جون داهون ڪندي اسپتال ۾ موجود مريض صابر ابڙو، مائي فاطمعه ناريجو، بيگم ناريجو، امير خاتون تعميور علي ڊاڪٽر جو انتظار ڪندي پنهنجي گهر روانا ٿي وڃن ٿا  ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن عوامي سوچ سان ڳالهيندي چيو ته ته اسان صبع سان  ڊاڪٽر جو انتظار ڪندي پنهنجي گهر روانا ٿي وڃون ٿا  سلسلي ۾ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن وڌيڪ ڳالهندي چيو ته استال ۾ اسان کي ڪنهن قسم جي دوا ملڻ جي سهوليت ناهي اسان هت دوا وٺڻ ايندا آهيو مگر اسان کي ڊاڪٽر چڪاس ڪري اسپتال کان ٻاهر نجي ميڊيڪل اسٽور تان دوا جي پرچي لکي ڏين ٿا اسان هزارن جي دوا نجي ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪرڻ ته مجبور آهيون شهيد راڻي جي شهر ۾ ايتري وڏي اداري ۾ اسان کي سوئي به نٿي ملي اها سوئي به اسان ٻاهران نجي ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪري اچون ٿا اهڙي ريت اسپتال ۾ داخل سيزر آپريشن جي داخل مريصن ڳالهائيندي چيو ته اسان کا اسپتال ۾ جيترا به ڏينهن رهڻ پونو اهي اسان پنهنجي مدد پاڻ پنهنجي کائڻ پيڻ جو بندوبست ڪندا آهيو اسپتال وارن جي طرفان اسان کي هڪ ويلي جي به ماني ناهي ملندي نه وري اسان کي ڪنهن وقت جانھ به ناهي ڏني ويندي اسان اسپتال اندر جيترا ڏينهن رهندا آهيون اسان کائڻ پيڻ جو بندوبست پاڻ ڪري ايندا آهيون ان دوران مائي غنوي شر ۽ مائي رضيه منگڻيجو هٿ ۾ ڀريل دوا جي ٿهيلي ڏيکاريندي چيو ته هي اسان سڀ دوائون پنهنجي پيسن سان نجي اسٽورن تان خريد ڪر آيون آهيون سان کي اسپتال اندر ڪا به سهوليت ناهي ملندي ان دوران ٽرامه سينٽر ۾ هڪ زخمي مريض حسين بخش مرکياڻيءَ ڳالهائيندي چيو ته مان ڪيترن ڏينهن کان هت اسپتال ۾ علاج لاءِ اچي رهيو آهيا منهنجو روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو هو مونکي هن اسپتال ۾ ويلسيف ٽيبليٽ، سرنج ، پونسٽان جهڙي ٽيبليٽ به نٿي ملي مجبوريءَ کان مان اها دوا ٻاهران وٺندو آهيان. هڪ لک کان وڌيڪ واري آباديءَ وارو شهر نئون ديرو جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سياسي قلعو سڏيو ويندو آهي هن شهر ۾ سابقه صدارتي هائوس جو هجڻ ۽ هن شهر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي ڌيءَ سابق وزير اعظم پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو جون مزارون هجڻ بعد هن شهر ۾ رهندڙن ماڻهن کان صحت واري سهوليت ۾ به ڌهاڙو هيون وڃي ٿو پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ اندر ڏھ سالن واري حڪومت به هتان جي ماڻهن لاءِ صحت جي بهتري ۾ ڪو خاص ڪم ناهي ڪيو هتان جو رهندڙ عوام جيڪو 90 فيصد پيپلز پارٽيءَ جو ووٽر هجڻ باوجود به هر بنيادي سهوليت کان محروم آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *