ڪراچي (م ڊ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه اهو ڪري رهيو آهي، جنهن پاڻ ووٽ جي توهين ڪئي آهي، نواز شريف ڪالهه ٽي وي تي آيو ۽ تقرير ڪيائين، پوءِ ڀلا ڪهڙي پابندي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي نفيسا شاهه چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پاڻ آمريت جي پيداوار آهي ۽ هاڻ هو پاڻ آمريت تي تنقيد جو دعويدار آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ جنهن اسٽيج تي ملڪ کي ڇڏيو هو، اڄ ان کان وڌيڪ ڪمزور ۽ خراب حالت ۾ آهي، جنهن جي ذميوار ن ليگ آهي. نفيسا شاهه چيو ته ميان صاحب ووٽ جي تقدس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر پارليامينٽ اڄ ڪمزور آهي، اڄ جمهوريت جي ڪمزوري جو سبب نواز شريف آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ وڌي رهي آهي، شهباز شريف ڪراچي اچي چيو ته ڪراچي کي لاهور بڻائيندس، شهباز شريف! توهان اڳ ۾ لاهور کي ته لاهور بڻايو، کوکلن دعون سان ڪجهه نه ٿيندو.27