سي آءِ اي پوليس جيڪب آباد جو غريب ماڻهن کي تنگ ڪرڻ خلاف جي يو آءِ جو مظاهرو، شهر جي مختلف رستن تي مارچ

جيڪب آباد (ڊ.ر) سي آءِ اي پوليس جيڪب آباد جو غريب ماڻهن کي تنگ ڪرڻ خلاف جي يو آءِ جو مظاهرو، شهر جي مختلف رستن تي مارچ، ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، روڊ بلاڪ، خبر موجب: جمعيت علماءِ اسلام جيڪب آباد پاران سي آءِ اي پوليس جيڪب آباد جي انچارج منظور احمد ڊومڪي ۽ سي آءِ اي جي وڏي منشي محمد عمر بنگلاڻي ۽ نبي داد رند جي غريب ماڻهن سان زيادتين خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي آفيس کان جي يو آءِ تعلقي جيڪب آباد جي امير مولانا عبدالجبار رند، حماد الله انصاري، مولانا عبدالحليم عابد ابڙو، حاجي امام بخش جتوئي، چاڪر خان جکراڻي، تاج محمود امروٽي، محمد ابراهيم ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جنهن تي سي آءِ اي پوليس جيڪب آباد جي انچارج ۽ وڏي منشي کي هٽائڻ جا نعرا لکيل هئا، مظاهرين ۽ شهرين شهر جي مختلف رستن شاهي بازار، بانو بازار، ڀٽائي روڊ، ٿاڻو روڊ، قائد اعظم روڊ ۽ ٻين رستن تي مارچ ڪيو ۽ نعرا پڻ هنيا، بعد ۾ شهر جي مک ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ويهي رهيا، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي، انهيءِ موقعي تي مقررن تقريرن ۾ چيو ته سي آءِ اي پوليس جيڪب آباد جو انچارج منظور احمد ڊومڪي ۽ وڏو منشي محمد عمر بنگلاڻي عوام لاءِ آزار بڻجي چڪا آهن، غريب ماڻهن کي بلا جواز گرفتار ڪري لٽ مار ڪري رهيا آهن، هنن ايس ايس پي جيڪب آباد فيصل عبدالله چاچڙ کان مطالبو ڪيو ته عوام آزار سي آءِ اي انچارج منظور احمد ڊومڪي ۽ ڪافي سالن کان سي آءِ اي جيڪب آباد ۾ رهندڙ وڏي منشي محمد عمر بنگلاڻي ۽ جمعدار نبي داد رند کي فورن هٽائي عوام دوست آفيسر مقرر ڪيا وڃن، جيئن هتان جي عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *