ڪراچي(م ڊ)آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا منگهي پير ۾ گند جي ڍير ۾ 6 ورهين جي نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو نوٽس وٺندي ڊي آءِ جي ويسٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.ٻئي پاسي نيگري وارثن طرفان ڪٽي پهاڙي تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احجتاج دوران پوليس سان جهڙپن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ گند جي ڍير مان ملندڙ 6 ورهين جي نينگري جي سڃاڻپ رابعه جي نالي طور ٿي آهي.پوليس موجب نينگري اورنگي ٽائون بلوچ محلي جي رهائشي آهي. جيڪا آچر ڏينهن گهر کان راند کيڏڻ لاءِ نڪتي هئي ۽ ان بعد گم ٿي وئي.پوليس موجب نينگري جي والد اورنگي ٽائون ٿاڻي ۾ گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو هو .گذريل رات ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش منگهي پير ۾ گند جي ڍير تان هٿ آيو آهي.پوليس موجب نينگري جي ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا آهن ۽ رپورٽ اچڻ بعد ئي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي.ٻئي پاسي نينگري جي وارثن اڄ احتجاج ڪندي ڪٽي پهاڙي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ پوليس جي وڏي نفر پڻ ڪٽي پهاڙي پهتي.