پوليس آفيسرن جي ڪمرن مان ڏينهن جو منشيات رات جو عورتون پيون ملن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس جي جاچ ڪندڙ آفيسرن جي ڪمرن مان ڏينهن جو منشيات ۽ رات جو عورتون ملنديو ن آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي وفاقي گادي واري شهر ۾ ڏوهن جي وڌندڙ انگ تي پاڻ مرادي نوٽس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي پوليس سلطان اعظم تيموري ۽ ايس ايس پي عدالت ۾ پيش ٿيا. پاڻ مرادي نوٽس تي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد جي 90 سڪيڙو آفيسرن کي ڏوهن ۾ ملوث آهن ، وفاقي گادي ۾ جاءِ جاءِ شراب جا اڏا ۽ جسم فروشي جا اڏا کليل آهن، ڪيترين ئي مارڪيٽن ۾ شيشي ۽ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن.بيورو ڪريٽ ۽ بااثر ماڻهون سرعام شراب پيئندا آهن.هڪ جج جي باري ۾ مشهور آهي ته هو مدهوش ٿي هنگامو ڪندو سندس پاڙيسيڙي به هن مان تنگ آهن.جسٽس شوقت عزير صديقي چيو ته پوليس رڳو ڏيکارڻ لاءِ ڪاپيون کپائيندڙن کي گرفتار ڪندي آهي، پوليس بااثرن ماڻهن خلاف به ڪاروائي ڪري، جاچ آفيسرن جي ڪمرن مان ڏينهن جو منشيات ۽ رات جو عورتون ملي رهيو آهن، انسپڪٽر بوسڪي جا ڪپڙا پائي ڳيچي ۾ چين پائي ته جوڪر لڳندو آهي، پوليس آفيسر ته ليڊيز پوليس اهلڪارن کي به ناهن ڇڏيندا عورت پوليس اهلڪار دانهون ڪري رهيو آهن.جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته آءِ جي صاحب توهان جي آفيسرن اينڪرن کي شراب جو بوتلون ڏيندا آهن، اسان کي خبر آهي ته ڪهڙو اينڪر پوليس کان رشوت وٺندو آهي، ڪهڙا ڪهڙا جج آهن، سرڪاري آفيسرن ۽ مولوي شراب ۽ منشيات وٺندا آهن، پوليس پنهنجي ذميداري نڀائڻ ناڪام ٿي چڪي آهي، قانون اجازت ڏي تي عصمت دري ڪندڙ ڊي ايس پي کي ڊي چوڪ تي شوٽ ڪري ڇڏيان.ٻڌڻي دوران آءِ جي پوليس چيو ته جيڪڏهن هن کي نوڪري مان فارغ به ڪيو ويو ته ڪو ڏک ناهي، پر پوليس کي پاڪ ۽ صاف ڪري ئي ساهه کڻندس، هن سال 21 جسم فروش اڏن جي خلاف ريڊ ڪيا آهن ڏوهارين جا اڏا ختم نه ڪري سگهيس ته عهدو ڇڏي ڏيندس. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *