ايڪنڪ ڀاشا ڊيم جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) قومي اقتصادي ڪونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس وزير اعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ 4 رک 47 ارب رپين جي لاڳت سان ديامر ڀاٽا ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئي. منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد ڊيم ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي جنهن سان 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پو3 پاڪستان جي قومي آبي ذخيري جي گنجائش 38 کان وڌي 45 ڏينهن ٿي ويندي. ڪميٽي 18 ارب 38 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لوڌران، ملتان، خانيوال ۽ شاهدره باغ ريلوي سگنلن جي تبديلي جي به منظوري ڏني آهي. ايڪنڪ گوادر-لسٻيلا روزگار سهڪار منصوبي تي نظرثاني جي به منظوري ڏني، ان منصوبي جو مقصد بلوچستان جي 2 ضلعن گوادر ۽ لسٻيلا ۾ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. اها ڪميونٽي ڊيولپمينٽ، ماهي گيري ۽ ٻهرااڙي جي بنيادي ڍانچي جي بهتري سميت اهم قدم کڻڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *