حيدرآباد(بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي حملو ڪنهن سازش جو حصو آهي، ڪير وڏي افرا تفريح ڦهلائڻ چاهي ٿو، عدالتن خلاف ائين ڳالهائڻ سٺي روايت نه آهي. سينيٽر مولا بخش چانڊئي قاسم آباد ۾ خانگي اسڪول جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب ائين عدالتن جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ سٺو نه آهي. اهڙي ماحول ۾ جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي حملو ٿيڻ واري معمالي تي به آڱريون ميان صاحب طرف کڄي رهيو آهن، پنجاب حڪومت ذميوار آهي، جاچ ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان سنڌ ۾ زيرو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سڀني مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئين ٿي ڪلين سوئيپ ڪري ۽ مخالف پنهنجي شڪست ڏسندي آصف علي زرداري خلاف ڪريل لهجو استعمال ڪري رهيا آهن.