جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي، معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ(  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي ۾ اڃاتائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ فوٽ بال فيڊريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس اعجاز الحسن جي رهائشگاهه تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ٻڌي جي اظهار تي سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جا ٿورا مڃيا، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو هو ته جسٽس اعجاز الحسن جي لاهور ۾ گهر تي فائرنگ جو واقعو ٿيو، پوليس جسٽس اعجاز الحسن جي گهر جي گيراج کان گولي جو کول هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *