ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اڄ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم ۽ تاريخي فيصلا ڪيا ويا. سنڌ ڪابينا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي (شڪارپور ڪيمپس) جو نالو تبديل ڪري شيخ اياز يونيورسٽي ڪرڻ سميت بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي بل 2018ع ۾ ترميم جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي 271 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سکر ۾ تعمير ڪئي پئي وڃي ۽ اها يونيورسٽي رڳو نياڻين لاءِ هوندي. ان کانسواءِ زراعت شعبي، اين ٽي ايس پاس استادن کي مستقل ڪرڻ سميت انٽرا سٽي لاءِ ڏهن ايئرڪنڊيشن بسن لاءِ پائليٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ معنقد ٿيو. اجلاس ۾ سمورا صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪجهه بلن جي منظوري ڏيڻ تي ويچار ونڊيا ويا، 12 نڪاتي ايجنڊن تحت جن تجويزن جي منظوري ڏئي وئي انهن کي جلد ترميمي بل جي صورت ۾ منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نئي زراعت پاليسي، اياز تنيي کي بطور نئون پروسييڪيوٽر جنرل مقرر ڪرڻ، انٽراسٽي رٿا لاءِ ڏهن اي سي بسن واري پائليٽ پروجيڪٽ، سنڌ ڪابينا جي گذريل اجلاس 9 پريل 2018ع جي منٽس جي منظوري، ليبر ڪورٽ جي پرزائيڊنگ آفيسرن جي نامزدگي، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ميمبرن لاءِ شرط ۽ ضابطا طئي ڪرڻ، اين ٽي ايس پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جو بل 2018ع تي گورنر جي اعتراضن تي غور، پائليٽ پروجيڪٽ بسن جي ڪرايا مقرر ڪرڻ. 2018ع کان 2030ع تائين سنڌ زرعي پاليسي، سنڌ يوٿ پاليسي، سنڌ اسپورٽس بورڊ آرڊيننس ۾ ترميم جي منظوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي شڪارپور ڪيمپس کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي بل 2018ع جي پرزنٽيشن ۽ ايڊيشنل ايجنڊا ائٽم ۾ سنڌ انڊسٽري رجسٽريشن ايڪٽ 2018ع جي جوڙجڪ شامل آهي. اجلاس ۾ پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرريءَ بابت بحث ڪيو ويو، جنهن تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل اجلاس ۾ فياض شاهه جو نالو چونڊيو ويو هو پر گهٽ ڄمار هئڻ ڪري کين مقرر نه ڪيو ويو ۽ انجي جاءِ تي اياز تنيو کي بطور نئون پروسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي، ان بعد سنڌ ڪابينا تجويز منظور ڪئي. ان بعد اجلاس ۾ گورنر سنڌ پاران اعتراض ڪيل اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ وارو بل 2018ع تي بحث ڪيو ويو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ 26 فيبروري 2018ع تي منظوريءَ بعد گورنر سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو، جنهن تي گورنر ڪجهه اعتراضن کان پوءِ بل ٻيهر نظرثانيءَ لاءِ واپس ڪيو، سندس خيال آهي ته ڄاڻايل استاد يونين ڪائونسل / تعلقي سطح تي مقرر ڪيا ويا هئا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته لاڳاپيل استاد پنهنجي يونين ڪائونسل يا تعلقي مان بدلي نه ڪرائيندا. جنهن تي سنڌ ڪابينا ڄاڻايل بل جي منظوري ڏيندي ٻڌايو ته جڏهن اين ٽي ايس پاس استاد ڀرتي ڪيا ويا هئا ته تڏهن عورت استادن جي بدلي تي ٽن ورهين جڏهن ته مرد استادن جي بدليءَ تي پنج ورهين جي پابندي لاڳو هئي جيڪو مدو پوري ٿي ويو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن استاد جي بدلي ڪئي وڃي ته انجي جاءِ تي ٻي استاد کي ضرور مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته صوبي جو ڪوبه اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم نه هجي ۽ خاص طور تي ٻهراڙيءَ وارا اسڪول بهترين طريقي سان هلايا وڃن. سنڌ ڪابينا کاتي کي پابند ڪيو ته ٽرانسفر جو مقصد اسڪول خالي ڪرڻ نه آهي، استادن جي بدليءَ وقت شاگرد / استادن جي تناسب کي ضرور ڏٺو وڃي. ان بعد اجلاس ۾ انٽرا سٽيءَ لاءِ ڏهن اي سي بسن لاءِ پائليٽ پروجڪٽ ايجنڊا بحث هيٺ آندو ويو، جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته 24 سيٽن واريون ڏهه ايئرڪنڊيشن بسون ڪراچيءَ جي اهم روڊن تي هلايون وينديون، جنهن ۾ قائدآباد، ملير هالٽ، اسٽار گيٽ، شاهه فيصل ڪالوني، ناٿا خان، ڊرگ روڊ، پي اي ايف گيٽ، ڪارساز / مهراڻ بيس، بلوچ ڪالوني، نرسري، ايف ٽي سي بلڊنگ، جناح اسپتال اسٽاپ، گيٽ شاپ، ميٽروپول هوٽل، نيول فائونڊيشن (فواره چوڪ)، آرٽس ڪائونسل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، جنگ پريس، الفلاح بينڪ اسٽاپ ۽ ٽاور شامل آهن. بسن جي ڀاڙي ۾ 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 20 رپيا، 5 کان 15 ڪلوميٽر فاصلي تي 30 رپيا جڏهن ته 15 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ سفر تي 40 رپيا ڪرايو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ساڳيو ڀاڙو الڳ پروجيڪٽ تحت ڪراچي ۾ هلائي ويندڙ ٻين بسن تي به لاڳو هوندو. ان موقعي تي وڏي وزير جي سوال تي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته ڀاڙو ڪميٽيءَ جي تجويز تي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪابينا پائليٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني آهي. ان بعد اجلاس ۾ زرعي پاليسيءَ جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو، جيڪو زراعت، لائيواسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبن تي محيط هو. زرعي پاليسي جي اهم مقصدن ۾ (1) زراعت شعبي جي ترقيءَ ۾ 4 کان 5 سيڪڙو اضافو ڪرڻ، (2) ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غربت جو خاتمو، (3) ايگرو-ايڪولاجيڪل رسورسز بيس کي محفوظ ڪرڻ ته جيئن ماحوليات کي بهتر ڪري سگهجي، (4) ماحولياتيءَ جي تبديليءَ وارن مسئلن کي ڏسندي ماحول کي بهتر ڪرڻ شامل آهي، جڏهن ته ترجيحن ۾ زراعت شعبي ۾ قرض ڏيڻ، زرعي مقصدن لاءِ زرعي زمين جي خريد، ليز ۽ ٽرانسفر جي طريقيڪار کي آسان ڪرڻ، زراعت شعبي سان لاڳاپيل قانوني نظام کي بهتر ڪرڻ، منظور ڪيل ٻج، کاڌ، جانورن جو کاڌو، دوائن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي قانونسازي ڪرڻ، نامياتي فصلن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، زراعت شعبي ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جا در کولڻ، اعليٰ قسم جي خوراڪ برآمد ڪرڻ، زراعت شعبي ۾ حڪومت جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ زراعت شعبي ۾ تحقيق تي خاص ڌيان ڏيڻ شامل آهي. زراعت واري وزير سهيل انور سيال ڄاڻايل پاليسيءَ کي اهم قرار ڏيندي سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ته زرعي پاليسي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت پنجٽيهه هزار پنج سئو ٽيڪٽر زراعت کاتي ذريعي هارين کي ڏنا ۽ سمورن ٽيڪٽرن لاءِ ٻه هزار ليزر ۽ ليولرز گذريل سالن ۾ هارين کي ڏنا ويا آهن. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ووئنڻ، ڪمند ۽ ڪڻڪ جي پوکي ٻين صوبن کان بهتر آهن، سنڌ ۾ هن وقت 18.1 ملين ڳئون، مينهون ۽ ٻيا کير ڏيندڙ چوپايو مال ۽ 21 ملين ٻڪريون ۽ رڍون آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته زراعت قومي معيشت ۾ 24 سيڪڙي جي ڀاڱيوار آهي، سال 2000ع کان زرعي شعبي جي ترقي 3 سيڪڙي تي رڪيل آهي، سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو نظام تمام اهميت جو حامل آهي. سنڌ جي ٽن بئراجن مان چوڏهن ڪئنالن کي پاڻي مهيا ڪيو ويندو آهي، جيڪو 117 برانچ ڪئنالن کي پاڻي پهچائيندا آهن ۽ اهي اڳتي 1400 ورهائيندڙن ذريعي 44000 واٽر ڪورسن کي پاڻي پهچايو ويندو آهي. ڪابينا زراعت واري وزير سهيل انور سيال کي ۽ سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو پاران جامع پاليسي جوڙڻ تي واڌيون ڏيندي تفصيلي بحث کان پوءِ نئي زراعت پاليسي منظور ڪري ڇڏي. ان بعد اجلاس ۾ يوٿ پاليسيءَ جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو، سنڌ يوٿ پاليسيءَ جي اهم نڪتن ۾ نوجوانن لاءِ يوٿ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو قيام، سنڌ جي هر ضلعي ۾ يوٿ افيئرز جي ڊپارٽمينٽ جو قيام، ملازمت جو ڊيٽابيس قائم ڪرڻ لاءِ سينٽرل انفارميشن سسٽم جو قيام، يوٿ وينچوئر ڪيپيٽل فنڊ جو قيام، يونيورسٽي سطح تي ننڍي ڪاروبار لاءِ سکيا پروگرام، يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر جو قيام، اسٽوڊنٽ يونين کي بهتر ڪرڻ، نوجوانن لاءِ آرٽيڪن سپورٽ پروگرام شروع ڪرڻ، نوجوانن لاءِ سڪيورٽي ۽ سيفٽي پلان مرتب ڪرڻ، 10 سيڪڙو نوجوان عورتن لاءِ ملازمت جو ڪوٽو مقرر ڪرڻ ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي اسڪائوٽس کي متعارف ڪرڻ شامل آهن، جنهن بعد سنڌ ڪابينا يوٿ افيئرز جي صوبائي وزير عابد ڀيو ۽ سيڪريٽري نياز عباسي پاران جامع پاليسي ڏيڻ تي واڌيون ڏيندي يوٿ پاليسي بل جي منظوري ڏئي وئي. ان بعد ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ آرڊيننس ۾ ترميم تي بحث ڪيو ويو، جنهن جو قيام 1980ع ۾ آرڊيننس ذريعي عمل ۾ آيو هو، سنڌ ڪابينا کي راندين واري وزير محمد بخش مهر برينفگ ۾ ٻڌايو ته ڪيترن کي سالن کان بورڊ جا اجلاس ئي ناهن ٿيا، بورڊ جو چيئرمين گورنر آهي پر هاڻ تجويز رکي وئي آهي ته وڏو وزير ۽ سندس غيرموجودگيءَ ۾ راندين وارو وزير چيئرمين هوندو. بورڊ جي ڪمپوزيشن ۾ معمولي ترميم پڻ ڪئي وئي آهي، 2012ع ۾ سنڌ گيمز نه ٿي سگهيا، جنهن تي وڏي وزير سمورن وزيرن کي سنڌ گيمز جي ايونٽ ۾ شريڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ ڪابينا سنڌ اسپورٽس بورڊ آرڊيننس جي ترميم جي منظوري ڏيندي ڄاڻايل آرڊيننس سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي شڪارپور ڪيمپس کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ واري ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيءَ جو نالو شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور هوندو ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ايڪٽ 2018ع سڏيو ويندو. سنڌ ڪابينا شيخ اياز يونيورسٽي ايڪٽ 2018ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانپوءِ اجلاس ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي بل 2018ع جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو، جيڪا 271 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سکر ۾ قائم ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته محترمه پروين منشيءَ کي بطور وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي ته جئين هُو يونيورسٽيءَ جون ڪلاسز ۽ ٻين انتظامن جو بندوبست ڪري سگهي. عمارت جي چوديواري تعمير ڪئي پئي وڃي ۽ آرٽس ڪائونسل ويجهو يونيورسٽيءَ لاءِ ايراضي عطيو به ڪئي وئي آهي، ترقياتي ۽ تعميراتي ڪم مسلسل جاري آهن ۽ اها يونيورسٽي رڳو نياڻين لاءِ هوندي. بريفنگ کانپوءِ سنڌ ڪابينا مسودي جي منظوريءَ بعد سنڌ اسيمبليءَ حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان بعد اضافي آئٽم ۾ سنڌ انڊسٽري رجسٽريشن ايڪٽ 2018ع جي تشڪيل تي سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ تجويز بحث هيٺ آندي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽو محمودآباد کان تمام حددخليون کي هٽايو وڃن، پلانٽ جي 150 ايم جي ڊي گنجائش آهي، جنهن کي وڌائي 500 ايم جي ڊي ڪيو ويندو ۽ هر فيڪٽريءَ ۾ پري-ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لازمي هوندو. ان بعد سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر 8 مئي 2018ع تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، جنهن جي جاءِ تي نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ ڪابينا اشتهارن ذريعي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي جو سربراهه چيف سيڪريٽري سنڌ هوندو ۽ ٻين ميمبرن ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري سروسز۽ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري شامل هوندا. ڪابينا ڪميٽيءَ کي اختيار ڏنا ته اهي انٽرويو ذريعي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرريءَ کي يقيني بڻائي. ان بعد هڪٻئي اضافي ايجنڊا سنڌ لائيواسٽاڪ رجسٽريشن اينڊ ٽريڊ اٿارٽي تي به بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽيءَ کي بورڊ هلائيندو، جنهن جو چيئرمين لائيواسٽاڪ وارو وزير هوندو، سنڌ ڪابينا لائيواسٽاڪ رجسٽريشن اينڊ ٽريڊ آٿارٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي.