جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ: سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر ارم عظيم فاروقي جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ٺهراءَ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي مذمت ڪئي وئي آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي زون ۾ فائرنگ خاميون ظاهر ڪيون. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي حملو عوام کي انصاف مهيار ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي سازش آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آزادي عدليه جي حمايت جاري رکنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *