مان مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ نه ويندس: فاروق ستار

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار صاف لفظن۾ اعلان ڪيو آهي ته مان مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ نه ويندس، منهنجو جيئڻ مرڻ ايم ڪيو ايم لاءِ آهي، اسان جي ميمبرن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، 38-38  سال سياسي جدوجهد ڪندڙن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرايون پيون وڃن، هاڻ ائين ڪم نه هلندو، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ چاهيان ٿو، شبير قائمخاني ويندي ئي ٻيلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري آئي آهي، آچر تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاداريون تبديل ڪرڻ جو عمل تيزي سان شروع ٿي ويو آهي، ڏينهن رات پي ايس پي جا ماڻهو فون تي ڌمڪيون به ڏين ٿا، ڪنهن جي ذريعي پيغام به موڪلين ٿا، ڪنهن سان ملاقات به ڪرائي وڃي، 2018 جي اليڪشن کان ڪجهه مهينا اڳ ائين ٿي رهيو آهي، وقت ڏيو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات ڪرڻ چاهيان ٿو، غير تڪراري سياسي جدوجهد جي باوجود اسان عذيت ۾ آهيون، تاثر ڏنو پيو وڃي ته پارٽي جي تڪرار سبب ماڻهو پارٽي ڇڏي وڃي رهيا آهن، ڇا مان به ايم پي اي جي گهرن ۾ وڃي نظريي، مهاجرن شهيدن جو واسطو ڏيان، نشاط ضيا ڀاءُ جو نالو هليو هو ته اهو منجهند جو اڍائي وڳي پي ايس پي جوائن ڪري رهيو آهي پر اڃا هو مون سان گڏ بيٺو آهي، اسان پي ايس پي، پي ٽِي آءِ ۽ پ پ سڀني لاءِ رستو ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون، فاروق ستار چيو ته مان آرمي چيف ڏانهن به ويندس، ڪراچي ۾ لغڙ ۽ ايم ڪيو ايم کي زبردستي ختم ڪيو پيو وڃي، مان مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ نه ويندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *