نگران وزيراعظم لاءِ اپوزيشن جي تجويز جو انتظار آهي، پوءِ پنهنجو نالو ڏينداسين: احسن اقبال

نارو وال (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ ن کي اڳ کان وڌيڪ مينڊينٽ ڏيندو، نگران وزيراعظم لاءِ اپوزيشن جي تجويز جو انتظار آهي، پوءِ اسان پنهنجو نالو ڏينداسين، نارو وال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دشمن پاڪستان جي خلاف وڏيون سازشون ڪري رهيا آهن ۽ اهي سي پيڪ کي ناڪام ڪرائڻ لاءِ اسان کي اندران ئي اندران ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، ادارا ۽ سياسي پارٽيون ملڪ دشمنن کي سڃاڻين، گهرو وزير چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ اپوزيشن جي نالي جو انتظار آهي ان کانپوءِ اسان پنهنجو نالو ڏينداسين ۽ مسلم ليگ ن اهڙو نالو ڏيندي جيڪو غير جانبدار هجي ۽ ان جو جمهوري ڪردار هجي، نگران وزيراعظم لاءِ ٿي سگهي ٿو ته اپوزيشن اسان جو نالو رد ڪري ڇڏي، هن چيو ته اسان کي پاڪستان جو مفاد عزيز آهي، ملڪ اندر بدامني نٿا چاهيون، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ن ليگ جي ترجيح آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *