جيستائين موجودا شامي قيادت آهي تيستائين حملن جي رڪجڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون:نيٽو

برسلز(م ڊ) نيٽو جي جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ چيو آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي گڏيل حملن شامي حڪومت جي حملي ڪرڻ جي صلاحيتن کي متاثر ڪيو آهي.تفصيل موجب آمريڪا برطانيا ۽ فرانس شام تي حملي جي حوالي سان نيٽو کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ چيوويو آهي ته گڏيل حملا ڪيميائي حملن جي خلاف آخري حل طور ڪيا ويا. آمريڪا ۽ سندس اتحادين نيٽو کي بريفنگ جي دوران ٻڌايو ته گڏيل حملن سان شام جي حملي ڪرڻ جي صلاحيتون کي نقصان پهتو آهي.ٻئي پاسي نيٽو جي جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ بريفنگ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۽ فرانس جي اتحادين طرفان شام تي حملي جو مقصد ڪيميائي هٿيارن کي ختم ڪرڻ هو .جينز اسٽولٽن برگ چيو ته شام تي آمريڪي، برطانيا ۽ فرانس طرفان ڪيل حملي سان شام کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته هو ڪيميائي هٿيارن جي استعمال کان پاسو ڪن.نيٽو جي جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ چيو ته جيستائين شام جي موجودا قيادت آهي حملا رڪجڻ جي ڪا به ضمانت ناهي، جڏهن ته شام تي حملي ۾ نيٽو شامل ناهي.نيٽو طرفان شام ۾ موجودا صورتحال تي بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ روس، شام ۽ ايران تي ٻڌل متاثر علائقن ۾ لاڳيتو امداد پهچائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *