لاهور (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي مختلف سياسي شخصيتن مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي معزز جج جي گهر تي فائرنگ وارو واقعو ڳڻتي جوڳو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ق ليگ جي چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي به واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته واقعي جي فوري طور جاچ شروع ڪرڻ گهرجي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو چوڻ هو ته واقعو مذمت جوڳو آهي، دنيا جي ڪنهن به جمهوريت ۾ ججن کي ڌمڪائڻ لاءِ سيسلين مافيا جهڙن حربن جي ڪا گنجائش ناهي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار طرفان به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.27