ڪراچي(م ڊ)امير جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق چيو آهي ته ناڪام قيادت جي سبب قومي ادارا تباهه ٿيا ۽ اسان کي ايترو خطرو دشمنن کان به ناهي جيترو پنهنجن مان آهي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي يوٿهه اليڪشن جي موقعي تي پريس ڪانفرس ڪندي سراج الحق چيو ته پي آئي اي، ريلوي ۽ پاڪستان اسٽيل جهڙا ادارا قرضي ٿي ويا آهن ۽ هي ادارا چور ۽ ڪرپٽ قيادت جي سبب تباهه ٿيا آهن. هن چيو ته ملڪي مجموعي آبادي 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي پر قومي اسيمبلي ۾ انهن جي ڪابه نمائندگي ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪو به نئو تعليمي ادارو ناهي ٺاهيو ويو ۽ هتي پاڻي ته پري جي ڳالهه شهرين کي پاڻي ئي ناهي.