راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ امن ۽ مضبوطي غازين ۽ شهيدن جي ڪري آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ اعزازن جي ورڇ واري تقريب ٿي جنهن ۾ عسڪري اختيارين، غازين ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خاص مهمان هو. آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ شهيدن جي وارثن ۽ غازين کي اعزاز ڏنا ويا جن ۾ 32 آفيسرن کي ستاره امتياز ملٽري سان نوازيو ويو، 2 آفيسرن کي تمغه جرات ۽ 33 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ڏنو ويو جڏهن ته چار آفيسرن ۽ جوانن کي ايو اين ميڊل ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جي اعزاز ۾ انهن جي وارثن وصول ڪيا جڏهن ته ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.