گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان داخل آئيني درخواستن تي پوليس ۽ گهرو کاتي طرفان بوگس رپورٽن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل کاتن کي هڪ مهيني ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس آفتاب احمد گوهر جي سربراهي ۾ گم ٿيلن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊويزن بئنچ طرفان لاڳاپيل پوليس اختيارين کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ مڪمل جاچ سان گڏ پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهيون ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد گوهر طرفان گم ٿيل شخص ياسين جبار جي حوالي سان ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائڻ تي پوليس جي جاچ آفيسر جي ڇنڊ پٽي وئي. ان دوران جج طرفان خبردار ڪيو ويو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ بوگس رپورٽ جمع ڪرائڻ پوليس آفيسر کي معطل به ڪري سگهجي ٿو ۽ سندس پگهار روڪي ان جي اصلاح به ڪري سگهجي ٿي. جسٽس آفتاب گوهر ريمارڪس ڏنا ته پوليس اختيارين طرفان گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن ۽ ان معاملي تي سدائين غير اثرائتو ڪم ڪيو ويندو آهي. ان موقعي تي عدالت سنڌ پوليس جي سربراهه، ڊائريڪٽر جنرل آف رينجرز، لاڳاپيل ڊي آءِ جيز ۽ ٻين اختيارين کي هڪ مهيني اندر پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ هڪ مهيني کان گم شمون يعقوب جو معاملو به غور هيٺ آيو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته نوجوان ڪيميڪل ڪمپني جو ملازم ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جو رهواسي هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کيس گهران وٺي ويا هئا. ان عورت هڪ ٻي درخواست گذار  شهناز بي بي ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڇاپن دوران منهنجي ڀيڻيوي کي فيڊرل بي ايريا مان گهران حراست ۾ ورتو ويو. سندس چوڻ هو ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطو ڪيو ويو پر منهنجي ڀيڻيوي جي حوالي سان ڪا ڄاڻ نه ڏني وئي. هن عدالت کي درخواست ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو وڃي ته منهنجي ڀيڻيوي کي آزاد ڪرائي عدالت اڳيان پيش ڪيو وڃي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *