سنڌ اسيمبلي ۾ قاعدن ۽ ضابطن تحت قانونسازي پيا ڪيون، گورنر کي گهرائڻ جو به اختيار ناهي: وڏو وزير

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي يونيورسٽين جي وي سيز ۽ بورڊن جي چيئرمينز جي مقرري ۽ انهن ادارن جي پاليسين بابت اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير حوالي ڪرڻ واري بل بابت گورنر جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، بل ٻيهر ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان سنڌ اسيمبلي ۾ قاعدن ۽ ضابطن تحت قانونسازي ڪري رهيا آهيون، گورنر کي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو به اختيار ناهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چيو ته گورنر قانون تي اعتراض جي جواب ۾ آئين جا غلط حوالا ڏنا آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 105 ۾ گورنر جا اختيار واضع آهن، اسان آئين تحت ڪم ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته گورنر کي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جا اختيار به ناهن، 18 هين ترميم کي ڇيڙڻ جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن، هر ڪنهن کي معلوم آهي، اهو ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم جي مخالفت ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٺاهي آهي، چاهيون ٿا يونيورسٽيون آزاد نموني سان ڪم ڪن، سنڌ ۾ نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ان کان اڳ پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان 2017 جي آڊٽ رپورٽ ۾ سنگين بدعنوانين جي نشاندهي بابت مهملي واري رٿ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نثار کهڙي مخالفت ڪئي، جنهن تان ٻنهي ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. پ پ ميمبر نثا احمد کهڙي پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان کي بدديانت ڪوٺيو، جنهن  کان پوءِ خرم شير زمان احتجاج طور ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. خرم شير زمان چيو ته لاڙڪاڻي ۾ فائر برگيڊ نه هئڻ  حڪومت لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. نثار کهڙي چيو ته دعا جي وقت شرم ۽ مذمت جون ڳالهيون نه ڪريو،ايوان ۾ خرم شير زمان جي رويي کي  بدديانتي چوندس. نثار کهڙي چيو ته خرم شير زمان کي حرڪتون ڪرڻيون آهن ته پنهنجي گهر وڃي ڪرڻ گهرجن.  اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز شرڪت ڪئي، ميمبرن وي سيز جي آجيان ڪئي. نثار کهڙي چيو ته اڄ استاد اهو ڏسي خوشي محسوس ڪندا هوندا ته سندن شاگرد بهتر نموني سان قانونسازي ڪري رهيا آهن. فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز گڏجي اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ آيا آهن، اڄ تاريخي ڏينهن آهي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *