اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال پنجاب صوبي جي شهر چنيوٽ جي مقام تي قيمتي قدرتي معدنيات جا ذخيرا قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ٺيڪي تي ڏيڻ ۽ مبينا بدعنواني جو سخت نوٽس وٺندي ڊي جي نيب لاهور کي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊي جي نيب لاهور چيئرمين نيب جي حڪمن جي روشني ۾ باقاعده طور تي گڏيل انويسٽي گيشن ٽيم جوڙي معاملو جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. انڪوائري ٽيم ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ماضي ۾ نيب انڪوائري ڇو بند ڪئي ۽ انڪوائري بند ڪرڻ جي ذميوارن ۾ ڪهڙا آفيسر آهن جنهن جي بنياد تي انهن آفيسر جي خلاف قانون جي موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. نيب چيئرمين حڪم ڏنو ته معزز هاءِ ڪورٽ ۽ معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستاني جي ان ڪيس ۾ فيصلن سان به اڳواڻي حاصل ڪئي ويندي ۽ انڪوائري سمورن ثبوتن ۽ قانوني تقاضن کي نظر ۾ رکندي مقرر وقت جي اندر مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.