سنڌ هاءِ ڪورٽ: گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ڪوڙي رپوٽ پيش ڪرڻ تي پوليس جو ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ڪوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ تي پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازياتي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ڪوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ تي عدالت پوليس آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس ڳورڙ چيو ته هاڻ جاچ کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪئي ته معطل ڪيو ويندو، جڏهن وردي لهندي ۽ پگهار بند ٿيندي ته سڀني جا دماغ کلي ويندا، گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ڪرائيندا آهن ۽ ڪم نه ڪرڻ جي بهانا ڳوليندا آهن. جاچ آفيسر ٻڌايو ته گم ٿيل شهري ياسين جبار ملير جي علائقي مان گم ٿيو هو، ان جي ڳولا وارو عمل جاري آهي، عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هاءِ ڪورٽ گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *