اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ نگران حڪومت تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزير اعظم حڪومت هڪ ڏينهن پهرين ختم ڪرڻ جي تجويز به رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه وزير اعظم آفيس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ نگران وزير اعظم جي لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان تصدق حسين جيلاني سميت مختلف نالن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس، قانون سازي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. بعد ۾ خورشيد شاهه ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ نگران وزير اعظم جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي پ پ پ جي نويد قمر ۽ پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري به موجود هئي. خورشيد شاهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي وزير اعظم سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو.