اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته پهرين اپريل کانپوءِ منظور ٿيندڙ ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد به روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جي ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي هوندي جنهن جو اطلاق پهرين اپريل 2018 کان ٿيندي جاري ڪيل بيان موجب فيصلي جي اطلاق سان وفاقي ۽ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٿيندڙ ڀرتين تي نه هوندو. اليڪشن ڪميشن پهرين اپريل کان پوءِ منظور ٿيندڙ ترقياتي اسڪيمن تي عملدارآمد به روڪڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پهريان کان جاري ترقياتي منصبوبا ڪنهن ٻين فنڊن جي مد ۾ منتقل نه ڪيا وڃن.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي پابندي سان لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪم نامو ايندڙ چونڊڻ کي شفاف ۽ آزاد بڻائڻ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي