خوراڪ جو ڪاروبار ڪندڙن کي امپرومينٽ نوٽيس جاري

ڪراچي(هه آ) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل امجد لغاري ۽ ڊائريڪٽر آپريشنز ابرار احمد شيخ چيو آهي ته فوڊ اٿارٽي ايڪٽ 2017 جي تحت سنڌ فوڊ اٿارٽي جو قيام عمل اچي چڪو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي پنهنجي دائري ۾ خوراڪ جي معيار کي قانوني تقاضن جي مطابق يقيني بڻائڻ لاءِ خوراڪ جي ڪاروبار بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي بهتري آڻڻ لاءِ امپرومينٽ نوٽيس جاري ڪري رهي آهي ته جيئن هو قانوني معيار جي مطابق پنهنجي مصنوعات تيار ڪن. هنن ٻڌايو ته امپرومينٽ جي تعميل جي 7 ڏينهن ۾ پنهنجي مصنوعات کي قانون مطابق آڻيندڙ ادارن / ماڻهن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويندا. تنبيهي نوٽيس کان پوءِ خوراڪ کي قانوني معيار جي مطابق عمل نه ڪندڙن جي خلاف ڪانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *