لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي 10 ميمبرن قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي ميمبرشپ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبه محاذ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڌار ٿيندڙن مان 6 ميمبر قومي اسمبلي ۽ 2 ميمبر صوبائي اسمبلي جا آهن.طاهر بشير ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خسرو بختيار پريس ڪانفرنس جو مقصد وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ نئين صوبي جو اعلان آهي.سمورن ميمبرن قومي اسمبلي جي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.خسرو بختيار چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبا محاذ جي سرپرست اڳوڻو وزير اعظم بلخ شيز مزاري هوندو . ان موقعي تي هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جو عوام ۽ ڪيترائي اهم سياستدان اسان سان گڏ آهن، گذريل 30 ورهين کان ڏکڻ پنجاب جو عوام غربت ۽ جهالت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.ڏکڻ پنجاب جي لاءِ فنڊن جو اعلان ته ڪيو ويندو آهي پر پيسا جاري ناهن ڪيا ويندا.ڏکڻ پنجاب ۾ غربت جو شرح 51 سڪيڙو آهي،اسان سمورا سياستدان ڏکڻ پنجاب جي هڪ نقطي ايجنڊي تي متفق آهيون. مسلم ليگ ن ۽ اسمبلي ميمبرشپ ڇڏيندڙن ۾ باسط بخاري، سردار دريشڪ، مخدوم باسط بخاري، سليم الله چوڌري، خسرو بختيار، راڻا قاسم نون، طاهر اقبال ۽ طاهر بشير چيما شامل آهن