مربوط ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانسپورٽ پاليسي تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهيون: سيد ناصر شاهه

ڪراچي(هه آ) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت واضح ٽرانسپورٽ پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي سموريون سهولتون سندن پنهنجن سفارشن جي روشني ۾ سنيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن مربوط ٽرانسپورٽ ۽ گهٽ قيمت تي ٽرانسپورٽ ڀاڙن سان شهري وڌ مان وڌ فائدو کڻي سگهن. اها ڳالهه هن اڄ مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل فيوچر فورم پاڪستان جي تعاون سان سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جي گڏيل تعاون سان ڪوٺايل ”اربن ٽرانسپورٽ پاليسي“ جي حوالي سان هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پهرين ليبر پاليسي جي اعلان کان پوءِ اسان ٽرانسپورٽ پاليسي تي به عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پر ننڍن ٽرانسپورٽرن جي نه اچڻ ۽ پذيرائي نه ملڻ جي ڪري شهر ۾ هڪ مربوط ۽ جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آڻڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. اسان ان پاليسي تي عمل پيرا آهيون ۽ سمورن ننڍن وڏن ٽرانسپورٽرن کي سهولتن سان گڏوگڏ سموري سبسڊي ڏيڻ، انشورنس ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن. ان لاءِ حڪومت 15 سيڪڙو پنهنجو حصو وڌو ته جيئن شهرين کي جلد کان جلد ٽرانسپورٽ نظام مان فائدو ٿي سگهي. هن چيو ته عوام اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڪراچي ۾ هڪ پاليسي وضع ڪرڻ، ماحول دوست بسون ۽ نظام جي لاءِ بي آر ٽي ۽ ايم آر ٽي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پر وفاقي حڪومت پاران دير جي ڪري اسان عوام کي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ رليف نه ڏئي سگهياسين. هن چيو ته ڪي سي آر، ماس ٽرانزٽ تي ڪم جاري آهي ۽ تمام جلد عملي طور تي ٽرانسپورٽ نظام تي عملدرآمد ڪرائينداسين. ان کان اڳ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد احمد اعواڻ ورڪشاپ ۾ ٽرانسپورٽ پاليسي، اصلاحات، ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ٻڌايو ته حڪومت سنجيدگي سان اربن ٽرانسپورٽ پاليسي تي ڪم ڪري رهي آهي. فري ٽرانسپورٽ پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز تعاون جي خاطري ڪرائي ته جيئن شهرين کي جلد کان جلد نئين ٽرانسپورٽ پاليسي مان فائدو پهچائي سگهون. ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ الطاف سومرو، ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي ارشاد بخاري، شمس الدين ابڙو به ٽرانسپورٽ جي نظام ۽ پاليسي جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو. بعد ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد ناصر حسين شاهه ارشاد بخاري، سعيد جدون، صدر فيوچر فورم عبدالصمد خان، ظفر عالم، مجعه محمد ۽ يار محمد ميرجت کي شيلڊ پيش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *