ملتان کي سياسي مرڪز بڻائڻ جو اعلان، ڏکڻ پنجاب کي ڌار صوبو ٺاهينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ پنجاب جي شهر ملتان کي سياسي مرڪز بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان سرائيڪي سيڪٽر کي الڳ صوبو ٺاهينداسين. پ پ چيئرمين ملتان جي بلاول هائوس ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ، ٻئي عوام دشمن پاليسين تي هلي رهيون آهن، پ پ مستقبل ۾ ڀرپوس سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي حڪومت ملڪ کي مسئلن جي ٻڌڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي عوام سدائين پ پ جو ساٿ ڏنو آهي ن ليگ ڏکڻ پنجاب کي محرومي جو شڪار رکيو آهي، اسان سرائيڪي بيلٽ کي ڌار ڪري صوبو ٺاهينداسين. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت ۾ ڪيترائي قومي ادارا کپايا ويا ۽ هاڻ اهي پي آءِ اي کي به وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن وقت دنيا جو نمبر ون ادارو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان بي آءِ ايس پي پروگرام تحت 60 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ تربيت ڏئي غربت مان ڪڍيو، اسان 18هين ترميم ڪئي، اين ايف سي ايوارڊ ڏنو پر ن ليگ زراعت، ٽيڪسٽائل ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين چيو ته ڏکڻ پنجاب جو عوام اسان جو ساٿ ڏئي ۽ ميمبر شپ مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي، 2018ع جون چونڊون ويجهو آهن، تنهن ڪري گهڻو وقت سرائيڪي سينٽر ۾ گذاريندس ته جيئن  رُٺلن کي پرچائي سگهان، عوام منهنجو ساٿ ڏئي ته جيئن شهيد بينظير ڀٽو جو مشن پورو ڪري سگهان.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *