راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2018ع نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو سال آهي، نوجوان پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي منهنجي ٽيم جو حصو بڻجن. عمران خان راولپنڊي ۾ ميمبر سازي مهم جي سلسلي ۾ مختلف ڪئمپن جو دورو ڪري جائزو ورتو. پي ٽي آءِ سربراهه پيروڌائي ۾ ميمبر سازي ڪئمپ تي خطاب ڪندي چيو ته سمورن نوجوانن کي تحريڪ انصاف جو ميمبر بڻجڻ جو تاڪيد ڪيان ٿو، ڇو ته هي سال نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو سال آهي. سندس چوڻ هو ته پنڊي ميٽرو بدران اهو پئسو صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي تي خرچ ڪيو وڃي ها ته شهر تبديل ٿي وڃي ها پر حڪمرانن کي پئسو کائڻو هو، تنهن ڪري انهن اهو منصوبو ٺاهيو. عمران خان چيو ته شريف خاندان قوم جو پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندو آهي پر ايندڙ چونڊن ۾ ان ڪرپٽ مافيا جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته سائي رنگ جي پاسپورٽ جي سڄي دنيا ۾ عزت ڪرائينداسين، پاڪستاني عوام سائو پاسپورٽ کڻي دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ ويندو ته ماڻهو ان جي عزت ڪندا.27