بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ پوري پاڪستان مان ڪلين سوئيپ ڪندي؛فريال ٽالپر

نئون ديرو(رپورٽ؛عبدالله ميراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم اين اي فريال ٽالپر جي نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻي جي صحافين سان غير رسمي گڏجاڻي نئون ديرو هائوس ۾ ڪئي، نئون ديرو سميت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن انهن کي جلد پورو ڪيو ويندو(ايم اين اي فريال ٽالپر) پيرائتي خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم اين اي فريال ٽالپر جي نئون ديرو هائوس ۾ نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻي جي اهم صحافين سان غير رسمي ملاقات ڪئي وئي ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ پوري پاڪستان مان ڪلين سوئيپ ڪندي ان وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي کي پيرس نٿي چوان پر اهو هاڻي گذريل 10 سالن کان بهتر آهي 10 سال پهريون واري امن امان کان اڄ جو امن امان ڪافي بهتر آهي لاڙڪاڻي جا ماڻهون پنهنجن گھر ڀاتين سميت محفوظ سفر ٿا ڪن جيڪو 10 سال اڳ ناممڪن هو هب وڌيڪ چيو ته عمران خان سنڌ جا مسلا حل ڪرڻ به ايندو پر اهي مسلا پيپلز پارٽي ئي حل ڪندي آئي آهي ۽ حل ڪندي رهندي ڇو ته پيپلز پارٽي اها جماعت آهي جيڪا پاڪستان جي وفاق جي علامت آهي ۽ وفاق جي زنجير آهي هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مان ڪهڙي هنڌان چونڊ وڙهندس ان جو فيصلو مان نه پر پارٽي ڪندي مونکي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي انتخابي حلقي مان جيڪو اعزاز مليو ان تي مونکي فخر آهي هن چيو ته مان وزيراعليٰ سنڌ جي اميدوار نه آهيان سنڌ جي وزيراعليٰ لاءِ نئون چهرو سامهون آندو ويندو هن چيو ته سنڌ حڪومت ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون ۽ صيحت تعليم جي شعبن ۾ وڏا ڪم ڪيا هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 90 ارب جاري ٿيڻ جو الزام غلط آهي اسان لاڙڪاڻي شهر جي ترقي لاءِ اهم قدم کيان آهن لاڙڪاڻي ۾ مٽيءِ دڌڙ بدبوءِ ۽ گندگيءِ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جلد ئي نئون ڊرينيج نظام بڻائن جو منصوبو به جون تائين مڪمل ٿي ويندو ايم اين اي فريال ٽالپر چيو ته صحافي حضرات اسان جي برائين سان گڏ اسان جي سٺن ڪمن کي به ياد رکن ملاقات دوران فريال ٽالپر صحافين جا مسلا به معلوم ڪيا ۽ مسئلن جي حل لاءِ پارٽيءِ جي ضلعي سيڪريٽري خير محمد شيخ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم پي اي مير نادر خان مگسي، پ پ سنڌ صدر نثار احمد کهڙو، عبدالفتاح ڀٽو، نواب سردار خان چانڊيو، غلام مصطفيٰ لغاري، خير محمد شيخ، دليپ ڪمار، سميت ٻيا اڳوان موجود هيا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *