خيرپور( س ر) پيپلزپارٽي پارليمنٽرين جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته عمران خان جنهن ضلعي ۾ آيو هو ان جي نالي جي خبر نه هيس، عمران خان سنڌ جي فڪر ڇڏي ڪي پي ڪي تي ڌيان ڏي تي انهن جو صفايو ٿيڻ وارو آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته ڪي پي ڪي جا منسٽر به پي ٽي آءِ جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهن. شهيد بينظير آباد ۾ تاريخي ترقياتي ڪمن جو سهرو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ محترم آصف علي زرداري جي سر آهي، عمران نيازي جسٽس وجيهه واري الزامن تي به نظر ڪري ۽ ڳالهائي، اڪبرايس بابر سان گڏ ٻيا پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به تبديلي واري نعري کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، جنهن ليڊر پنهنجو گهر ئي غير قانوني طريقي سان ٺاهيو هجي اهو ڪهڙي شڪل سان پاڪستان ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ، عمران خان سينيٽ ۾ پ پ کي ووٽ ڪيو، عمران خان ڪي پي ڪي جي احتساب ڪمشنر جي ڪارڪردگي ڇو نٿو ٻڌائي ان کي سيٽ تان ڇو هٽايو ويو. خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن انتها تي پهچي وئي آهي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته عمران عرف طالبان خان جي وڏي وزير مٿان پاڻ پي ٽي آءِ وارا ئي الزام هڻي رهيا آهن، ڊيره اسماعيل خان ۾ قوم جي نياڻي سان ٿيندڙ زيادتي جو هڪ جوابدار به گرفتار نه ٿيو آهي جيڪا ڪي پي ڪي جي وزير جي سرپرستي ۾ اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته پ پ جي دور حڪومت ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هيو سنڌ ۾ سموري پارٽين جا اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.